اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف وچ ۾ رابطو ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ جاري احتجاج جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ذريعن موجب بئريسٽر سيف عمران خان کي احتجاج بابت تفصيل ٻڌايا، جنهن بعد عمران خان کيس وڌيڪ حڪمت عملي ٻڌائي، جنهن بعد بئريسٽر سيف علي امين گنڊاپور سميت پارٽي قيادت کي باني جي مليل هدايتن کان آگاهه ڪيو.