اسلام آباد( بيورو/ م ڊ) وفاقي راڄ ڌاني ۾ پي ٽي آءِ جو مارچ پهچڻ بعد احتجاج جاري آهي، چڪرين ۽ مختلف واقعن ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ به چار ڪارڪن مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. صبح سوير خيبرپختونخواهه کان ايندڙ پي ٽي آءِ جو قافلو اسلام آباد جي 26 چونگي ۽ هاڻ ڊي چوڪ کان زيرو پوائنٽ پهتو، جتي پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ سخت شيلنگ ڪئي، جڏهن ته ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي. چڪرين بعد پوليس پاران پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تان واپس ڌڪڻ ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن به ڊي چوڪ کان پوئتي هٽڻ جي تصديق ڪئي. بي بي سي موجب ڊي چوڪ هاڻي مڪمل طور تي خالي آهي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ان جي ڀرپاسي وارن علائقن خاص طور تي ايف 6 ۽ شهيد ملت واري علائقي ۾ احتجاج جاري آهي ۽ وقت بوقت ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن ۾ جهيڙي جو سلسلو جاري آهي. بي بي سي موجب جيئن ئي ڪا پوليس جي گاڏي اچي ٿي ته ڪارڪن ان تي حملو ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اعلانيل احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعي ۾ رينجرز جا 4 ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. واقعي بعد زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب، هنيئر تائين هڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڪالهه صبح سوير خيبرپختونخواهه کان ايندڙ پي ٽي آءِ جو قافلو اسلام آباد جي 26 چونگي بعد ڊي چوڪ کان زيرو پوائنٽ پهتو، جتي پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ سخت شيلنگ ڪئي، جڏهن ته ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي. اسلام آباد پهچندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاجي قافلي ۾ شامل ڪارڪنن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن وچ ۾ جهڙپن جو سلسلو اڱاري ڏينهن به جاري رهيو. هوڏانهن اسلام آباد جي ٻن وڏن سرڪاري اسپتالن جي اختيارين موجب اتي گوليون لڳڻ سبب 6 ڄڻن جا لاش پهچايا ويا آهن. 4 ڄڻن جا لاش ۽ 30 زخمين کي پولي ڪلينڪ اسپتال آندو ويو آهي، جڏهن ته 2 لاش ۽ 20 زخمين کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) آندو ويو آهي. رات جو دير سان ڊي چوڪ جون بتيون بند ڪيون ويون. ڪنٽينر کي باهه ڏني وئي،سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪري جناح ايونيو ۽ بليو ايريا پي ٽي آءِ مظاهرين کان خالي ڪرائي ڇڏيو آهي،ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪياويا،شديد شيلنگ سبب مظاهرين گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلا ع آهن ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿي ويا،ٻئي ڪي پي هائوس ڏانهن ڀڄي رهيا هئا، اسلام آباد پوليس جو اسڪواڊ وومين پوليس سميت بشريٰ بي بي جي گاڏي جو پيڇو ڪري رهيو آهي،ذريعن موجب بشريٰ بي بي جي گاڏي هري پور رستي خيبرپختونخوا ۾ داخل ٿي وئي آهي،