جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ضلعي ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جي مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي جيڪب آباد ۾ ايڊز جا 30 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن مليل ڄاڻ موجب جمس اسپتال ۾ قائم اي آر پي سينٽر ۾ مارچ کان نومبر تائين 30 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ ٻار عورتون ۽ مرد شامل آهن جڏهن ته جمس جي اي آر پي سينٽر ۾ 132 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي جمس اسپتال جي هڪ ذميوار ٻڌايو ته مارچ کان وٺي نومبر تائين 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ مريضن جو لاڙڪاڻو سکر رتوديرو سميت ٻين شهرن ۾ علاج ٿي رهيو هو انهن کي به جيڪب آباد سينٽر منتقل ڪيو ويو جن جو علاج ٿي رهيو آهي جيڪب آباد ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ سبب عوام ۾ خوف ۽ حراس پيدا ٿي ويو آهي سماجي تنظيم جي اڳواڻ احمد رند ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.