ايڊيليڊ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي آسٽريليا مان ڏيهه واپس موٽڻو پئجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ذاتي سببن جي بنياد تي گوتم گمڀير ڏيهه واپسي جو فيصلوڪيو، هو ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ ٽيم کي جوائن ڪري وٺندو.
آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي ٻي ٽيسٽ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا ڇهه ڊسمبر کان ايڊيليڊ ۾ شروع ٿيندي.
ٻي ٽيسٽ کان اڳ ڀارتي ڪپتان روهت شرما به ٽيم کي آسٽريليا ۾ جوائن ڪري ورتو آهي، هو پٽ جي پيدائش سبب پهرين ميچ هٿ کڻي ويو هو، سندس غير موجودگيءَ ۾ نائب ڪپتان جسپريت بمرا ٽيم جون واڳون سنڀاليون هيون.
واضح رهي ته مهمان ڀارتي ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، ڀارت پرٿ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي 295 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
You might also like