سينيئر اداڪارا عيني زيدي چيو آهي ته عورتن لاءِ شادي جي درست عمر 23 يا 24 سال آهي.
مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي عيني زيدي چيو ته منهنجي شادي 17 ورهين جي عمر ۾ ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ مڙس سان گڏ آمريڪا منتقل ٿي ويس، اتي مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ۽ ٻارن جي بهتر پرورش به ٿي، مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ ٻار جوان ٿيا ته انهن پاڪستان موٽڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته منهنجي ننڍي عمر ۾ ئي شادي ٿي وئي هئي، ايتري جلدي شادي نه ڪرڻ گهرجي، ننڍي عمر ۾ شادي سبب والدين ۽ ٻار گڏ وڏا ٿيندا آهن، جنهن سان ڪيتريون ئي ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته مان پاڻ ٻارن کانپوءِ سمجهدار ٿيس، مون کي ڪيترين ئي شين جي خبر به نه هوندي هئي، ٻارن سان گڏ مان به ڪيتريون ئي شيون سکيون.
عيني زيدي چيو ته ڇوڪرين کي يونيورسٽي جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شادي ڪرڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ ڇوڪرين لاءِ شادي جي درست عمر 23 يا 24 سال آهي.
You might also like