رستن جي بندش، ٽماٽو 700 رپيا ڪلو ٿي ويو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ پنجين ڏينهن به اچ وڃ جا رستا بند آهن، جنهن سبب ٽماٽي جي قيمت 700 رپين تائين پهچي وئي.
سيالڪوٽ ۾ پنجين به اچ وڃ جا سمورا رستا ۽ موٽر وي بند آهي، جنهن سبب عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
رستن جي بندش سبب سبزيون ۽ ميوا منڊي ۾ نه پهچي سگهيا، جنهن سبب منافعي خورن اگهه وڌائي ڇڏيا.
رپورٽن موجب 120 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽو 700 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، گل گوبي 300 رپيا ڪلو، پٽاٽا 220 رپيا ڪلو، بصر 250 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن.
ڪيلا 150 رپيا درجن ۽ صوف 400 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن، شهري مجبوري ۾ مهانگي اگهه تي سبزيون ۽ ميوا خريدي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.