”بشريٰ بي بي رتوڇاڻ چاهي ٿي، افغانستان جا شهري به آندا ويا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي پلان سان آئي آهي پر حڪومت صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته افغانستان جا شهري ۽ ڪرائي تي آندل ماڻهو ڌرڻي ۾ شامل آهن، انهن پئسا ڏئي ماڻهن کي آندو آهي، انهن جي حڪمت عملي رتوڇاڻ سان ئي هلندي آهي، پي ٽي آءِ غريب جي ٻارن کي مارائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي.
هن چيو ته انهن جو مقصد 9 مئي کي ورجائڻ آهي، اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا، جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي، تحريڪ انتشار جو مقصد آهي ته لاشن تي سياست ڪئي وڃي پر رياست جو صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ انهن جو لاش ڪيرائڻ جو مقصد پورو نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي نوجوانن جو مورال بلند آهي، صبر جو امتحان نه وٺو، امن خراب نه ڪيو، هاڻ به وقت آهي ته مڙي وڃو ۽ واپس هليا وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.