آءِ سي سي، چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت بورڊ اجلاس سڏائي ورتو، اهم فيصلن جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي مستقبل بابت غور ويچار لاءِ 29 هين نومبر تي بورڊ اجلاس سڏائي ورتو.
آءِ سي سي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ڄاڻايل اجلاس آن لائين ٿيندو ۽ سمورن بورڊ ميمبرز ڏانهن ايجنڊا اُماڻي ويئي آهي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيولنگ ۽ مستقبل بابت غور ويچار ڪيو ويندو، اجلاس دوران چيمپيئنز ٽرافي تي مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ ترجيح چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل اختيار ڪرڻ آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳواٽ ئي ماڊل جي مخالفت ڪري چڪو آهي.
ذريعن موجب، بورڊ ميمبرز جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي چيمپيئنز ٽرافيءَ بابت آءِ سي سي سان ڪو حتمي فيصلو ڪندو.
واضح رهي ته ڀارت، پاڪستان اچي ٽورنامينٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري موقف تي قائم آهي.
هواڏنهن ڀارتي هوڏ سبب آءِ سي سي اڃا تائين ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان ناهي ڪري سگهيو.
آءِ سي سي براڊ ڪاسٽرز طرفان شيڊيول تڪڙي اعلان لاءِ دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
براڊ ڪاسٽ رائٽس موجب پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي قانوني ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.