اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 نومبر جي وچين رات پاڪ – افغان سرحد ڀرسان اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگرد گروهه جي چرپر کي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي انداز سان روڪيو ۽ دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
بيان ۾ چيو ويو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.