ممبئي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي ڀيڻ ڀاونا ڪوهلي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڀائيٽي سان منسوب تصوير جي ترديد ڪري ڇڏي.
ويجهڙ ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن هڪ تصوير وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هنج ۾ کنيل ٻار کي اسٽينڊز ۾ ڏيکاريو ويو هو.
وائرل تصوير کانپوءِ مداح ان کي ويرات ۽ انوشڪا جي پٽ جي پهرين جهلڪ سمجهي رهيا هئا ته ڪي وري” اڪائي “ جي تصوير وائرل ٿيڻ تي براڊ ڪاسٽرز کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا.
ڪجهه ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ ان تصوير کي ڪوهلي انوشڪا جي پٽ جي پهرين جهلڪ طور تي رپورٽ ڪيو ويو هو.
پر هاڻي ويرات ڪوهلي جي ڀيڻ ڀاونا ڪوهلي حقيقت واضه ڪرڻ لاءِ انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾هن ٻڌايو ته” سوشل ميڊيا تي انوشڪا شرما ۽ ويرات جي دوست جي نياڻي کي آڪائي طور ڏيکاريو پيو وڃي جيڪو غلط آهي، اِها تصوير آڪائي جي نه آهي.“
ويرات ۽ انوشڪا جنوري 2017ع ۾ شادي ڪئي، جوري کي هڪ نياڻي واميڪا ۽ هڪ پٽ آڪائي جو اولاد آهي.
ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما ٻارن جي پيدائش کان ئي پنهنجي ٻارن کي ميڊيا ۽ ڪيمرا کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، ايستائين جو فوٽو گرافرز کي به واميڪا ۽ آڪائي جون تصويرون ڪڍڻ کان روڪيو ويو آهي.
You might also like