حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جو سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ پارٽي جي تنظيمي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ گلزار سومرو کي پارٽي جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ 8 ڊسمبر تي رٿيل ڪراچي ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف احتجاج جي ڪاميابي جي لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيستائين هن ملڪ ۾ شامل سمورين قومن کي برابري جي بنياد حق ڏئي سندن حيثيت کي تسليم نه ڪيو ويندو تيستائين هي ملڪ مختلف بحرانن ۾ ڦاٿل رهندو. ملڪ کي برابري جي بنياد تي هلايو وڃي هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال جوڙڻ وارو منصوبي کي سنڌ پنهنجي لاءِ موت جو پروانو سمجهي ٿي. اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو ، حيدر شاھاڻي ،نثار ڪيريو ،گلزار سومرو ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ، امتياز سمون ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، حيدر ملاح ، عاشق سولنگي، گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو ،خير محمد مگسي ، اطھر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.