پنجابي ۽ پختون مڊل ڪلاس ميدان ۾ آهي:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي ته  پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي  مقابلي جي ميدان ۾ آھن، سنڌ جو مڊل ۽ اپر ڪلاس رڳو فيس بڪ تي تبصرن لاءِ تيار آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. هن چيو ته  سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺھڻ سان لاڙ وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا.لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو هن  چيو ته  پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي،  ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو ته  موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.