پي ٽي آءِ نسلي تعصب اڀاري پختونن کي پنجابين خلاف ڀڙڪائڻ ۾ رڌل

لاھور( عمران شفقت) اسلام آباد مٿان جيڪا پي ٽي آءِ پاران لشڪرڪشي ڪئي وئي ان جي سپھ سالاري بشريٰ بي بي ڪرڻ پئي گھري خبرون اھي رپورٽ ٿيون تھ علي امين گنڊاپور مزاحمت ڪئي تون ڇا مان ڇا واري منھن ماري ٿي  ۽ پوءِ علي امين گنڊاپور قافلي جي سپھ سالاري سنڀالي ۽ بشريٰ بي بي ھڪ عام ڪارڪن جيان ان ۾ شريڪ ٿي  ڪجھه ماڻھن اھو چيو تھ اگر بشريٰ بي بي ھوندي ۽ عمران جون ڀينرون شريڪ نھ ٿينديون تھ معاملا  شڪي ٿي ويندا ، پوئين   ڀيري لاھور لاتعلق رھيو پر ھن ڀيري  پنجاھ سٺ ماڻھو لٽن روڊ تي ٻاھر نڪتا. سوال اھو آھي تھ لاھور جي قيادت ڪٿي گم آھي؟ حماد اظھر ڪاغذي شينهن آھي . وري بھ بشريٰ بي بي کي سلام آھي جيڪا نڪتي آھي.شھباز گل ٻاھر ويھي مرو ماريو جا نعرا ٿو ھڻي سو پاڻ جڏھن گرفتار ٿيو تھ رڙيون پيون ڪري. پي ٽي آئي کي آمريڪا برطانيھ ۾ فنڊنگ ٿي رھي آھي. جڏھن به ڪا عالمي انگجمينٽ ٿيندي آھي تھ پي ٽي آئي احتجاج ۾ لھي پوندي آھي.سو ھنن مٿان ڪو فرق نھ ٿو پوي ھن کي پنھنجي ذات ئي صرف پسند آھي ھنن لاءِ ملڪ ٽٽي وڃي تھ ڀل ٽٽي.اطلاع مطابق حڪومت تنگ اچي چڪي آھي  ۽ رياست ھن ڀيري سخت رد عمل ڏيندي. اطلاع مطابق تھ آرمي چيف ۽ وزيراعظم ھڪ ئي صفحي تي آھن تھ بس ھاڻي جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو.باقي پختونن کي پنجاب مٿان لشڪرڪشي جوشوق آھي ھو بار بار اھا ڳالھه چون ٿا ۽ سندن اھوبھ چوڻ آھي تھ ايوب بعد ھي پھريون ڀيرو پختونن جي حڪومت آئي ھئي جنھن کي اسٽيبلشمنٽ گھر ڀيڙو ڪيو سو انھن جي جذبن کي ڀڙڪائي پي ٽي آئي استعمال پئي ڪري  ۽ کين سبق پڙھائيندي رھي ٿي پنجابين کي ناھي ڇڏڻو .

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 25 نومبر 2024ع شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.