ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر) سياسي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪراچي شهر ۾ رهندڙ بلوچن، پٺاڻن ۽ سنڌ کان ٻاهران آيل آباديءَ کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن، ارسا ترميم، سنڌ جون زمينون بنجر ڪري پنجاب جي چولستان علائقي کي آباد ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي پاليسي خلاف سنڌي قوم جي جدوجهد جو ساٿ ڏنو وڃي، آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ آمريت جي پٺڀرائي ڪرڻ جي تاريخ ۽ عمل جي مذمت ڪئي وڃي، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بدران بلوچ قوم جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، عورتن خلاف سمورن امتيازي قانونن جو خاتمو آندو وڃي، ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ موجود عورتن جي تحفظ وارن قانونن کي لاڳو ڪري عورتن کي هراس ڪندڙ فردن، ادارن ۽ گروپن خلاف قدم کنيو وڃي، ماهه رنگ، سميع بلوچ، سورٺ لوهار، سنڌو نواز گهانگهرو سميت ٻين سياسي ۽ سول سوسائٽي جي عورت اڳواڻن خلاف رياستي ادارن جي غير قانوني قدمن کي ختم ڪيو وڃي، سمورن گم ڪيل شهرين کي ظاهر ڪري کين آزاد ڪيو وڃي، اظهار جي آزادي سميت سموريون جمهوري آزاديون بحال ڪيون وڃن، پاڪستان آئي آيل او ڪنوينشن 190 جي توثيق ڪري ۽ عورتن خلاف جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد جي خاتمي جي لاءِ ٺوس قانوني قدم کنيا وڃن، عورتن جي ڪم وارن ادارن ۽ جاين تي هراس کي روڪڻ لاءِ فوري طور ڪميٽيون ٺاهيون وڃن. اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ "گهرن ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم” طرفان 25 نومبر تي عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ٿيل سيمينار ۾ تقريرون ڪندي ڪئي وئي. ان موقعي تي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئر پرسن اقبال بٽ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ناانصافي خلاف مزاحمت نه ٿي ها ته اسان رياستي ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجو آواز بلند نه ڪري سگهون ها، رياست طرفان عورتن خلاف امتيازي روين جي ڪري پاڪستان ۾ عورتن تي هر قسم جي تشدد ۽ قتل، اغوائن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هڪ فرد جي گمشدگي به هڪ وڏو گناهه ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ عورتن خلاف هڪ ٻي مهم شروع ٿي رهي آهي ته عورتون شادي نه ڪن، جيئن کين والدين جي ملڪيت جي حق کان محروم ڪيو وڃي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته آمريڪا جو نالو نه ٿو کنيو وڃي، جيڪو پاڪستان ۾ آمريت جو مددگار ۽ سياسي اڳواڻن جي شهادت ۾ ملوث آهي جنهن جي مذمت ڪئي وڃي ، هاڻي نئين سر سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ سياسي دوستي کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اختر مينگل سميت بلوچ سياسي اڳواڻ ڪراچي اچي پنهنجو سياسي موقف رکڻ لاءِ تيار نه آهن، گم ٿيل سياسي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سورٺ لوهار چيو ته پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال کوٽي سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي، سڪرنڊ ۾ زبردستي ۽ ڏاڍ سان آباد زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ اسان پاڪستان جي رياست کي پنهنجي ماءُ نه ٿا سمجهون، جتي ايجنسيون ۽ ٻيا رياستي ادارا اسان کي جسماني، ذهني اذيتون ڏين ٿا ۽ نوجوانن کي اغوا ڪري قتل ڪن ٿا، جنهن جي خلاف سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. بلوچ عورت اڳواڻ سمي بلوچ چيو ته ملڪ جا حڪومت ۽ پارليامينٽ ۾ ويٺل سياستدان اقتدار جي لالچ ڪري بلوچستان جي مسئلي ۽ بلوچن سميت ٻين قومن تي رياستي تشدد خلاف پنهجون اکيون، ڪن ۽ وات بند ڪري ويٺا آهن، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ واري فيصلي ڪندڙن کي بلوچستان جي مزاحمتي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، ان قدم سان بلوچ قوم اڃان وڌيڪ اڳتي نڪري ويندي، جنهن جا ذميوار پاڪستان جون پاليسيون جوڙيندڙ ادارا ۽ فرد هوندا، فوجي آپريشن بدران بلوچستان جي مسئلن کي ٻڌو ۽ حل ڪيو وڃي، بلوچستان جي مائرن، ڌيئرن ۽ ڀينرن تي پنهنجي مسئلن تي آواز بلند ڪرڻ تي بي پناهه تشدد ڪري انهن جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي ۽ عورتن کي رياست هراس ڪري رهي آهي، پروفيسر اصغر علي دشتي چيو ته ڪراچي شهر ۾ رهندڙ پٺاڻ، بلوچ ۽ ٻي آبادي سنڌ جي مسئلن کي پنهنجو سمجهي سنڌو درياهه سڪائڻ، ان مان 6 ڪئنال کوٽڻ ۽ سنڌ جون سرسبز زمينن کي بنجر بڻائڻ خلاف سنڌي قوم جي مزاحمت ۽ جدوجهد جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته اهو صرف سنڌين جو مسئلو نه آهي، پر صوبي ۾ درياهه جو پاڻي پيئندڙ هر شهري جو گڏيل مسئلو آهي، پاڪستان جي رياست آمريڪا جي مفادن تحت هلي رهي آهي، ڪراچي ۾ رام پانڊي سميت ٻين اصل هيرو جي نالي سان يادگار هجڻ گهرجن، عورت اڳواڻ مهناز رحمان چيو ته سرمائيداري ۽ نئون لبرل نظام عورتن سان گڏ مردن تي به ظلم ڪري رهيو آهي، ان سماج ۾ عورت پنهنجي غلام مرد جي ظلمن جو به شڪار آهي، سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد سرمائيداري نظام پنهنجي هڪ هٽي ۽ استحصالي روپ ۾ وڌيڪ ننگو ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ جرنيل جمهوريت کي اچڻ ۽ هلڻ ئي نه ٿا ڏين، ملڪ ۾ شهرين کي گم ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته عورتن جي تشدد ۽ مرداڻي ناانصافي خلاف هلندڙ تحريڪ مزدورن ۽ هارين جي حقن جي گڏيل جدوجهد جو حصو آهي، عمران خان جي پارٽي خلاف اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو غلط آهي، سنڌو درياهه سميت پي ٽي ايم جون تحريڪون مزاحمتي جدوجهد آهن، جنهن حمايت ڪرڻ گهرجي، ڪامريڊ زھره چيو ته عورتن، قومن ۽ ٻين مظلوم طبقن جي تحريڪن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سرمائيدارن انهن کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ رياست مظلومن جي تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪندي عورت سياسي ڪارڪن کي به تشدد جو نشانو بڻايو آهي.