احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ قوم رد ڪري ڇڏيو: شازيا مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته قوم احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته ڪي پي حڪومت امن قائم ڪرائڻ بدران هٿياربند جٿن سان وفاق تي چڙهائي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پي ٽي آءِ کي عوام جي جان ۽ مال جي ڳڻتي ناهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جو احتجاج ٻين ملڪن جي سربراهن جي آمد تي ئي ڇو ٿيندو آهي؟ اهي عنصر اسلام آباد تي حملو ڪري هڪ ڏوهي کي آزاد ڪرائڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ پرامن احتجاج ۽ قانون جي دائري ۾ ناهي پر پرتشدد ڪارروائين سان پنهنجي ليڊر جي آزادي چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پنهنجي ليڊر کان سوال ڪن ته ان جا ٻار احتجاج ۾ ڇو ناهن ايندا؟ احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ قوم رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.