پنت آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻجي ويو

جدا (ويب ڊيسڪ) رشڀ پنت آءِ پي ايل جي نيلامي ۾ نئين تاريخ لکندي مهانگي ترين رانديگر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
سعودي عرب جي شهر جدا ۾ انڊين پريميئر ليگ 2025 لاءِ ميڊيا تي سڌي ريت نشر ڪئي ويندڙ نيلامي ۾ لکنئو سپر جائنٽس وڪيٽ ڪيپر بيٽر کي 32 لک ڊالر 32 لک ڊالر (تقريبن 27 ڪروڙ ڀارتي رپين) عيوض خريد ڪيو.
پنت لاءِ ادا ڪئي ويندڙ اها رقم پاڪستاني ڪرنسي ۾ تقريبن 88 ڪروڙ 81 لک رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
رشڀ پنت 2016 کان دهلي ڪيپيٽل جو حصو رهيو پر هن نيلامي کانپوءِ هان هو لکنئو سپر جائنٽس ۾ شامل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.