پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن پوليو جا 3 ڪيس سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال متاثر ٻارن جو انگ 55 ٿي ويو آهي.
اختيارين موجب پوليو متاثر ٻارن مان ٻن جو واسطو بلوچستان ۽ هڪ جو واسطو خيبر پختونخواهه سان آهي.
بلوچستان ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ 26 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ انگ 14 ٿي ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته هلندڙ سال سنڌ ۾ پوليو جا 13، جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ هڪ – هڪ ڪيس سامهون اچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.