ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل ڇهين ڏينهن واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 82 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 857 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 370 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 22 ڊالر واڌ سان 2 هزار 715 ڊالر في اونس آهي.
You might also like