اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ پوليس ان تي سختي سان عمل ڪندي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شهر ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا.
ترجمان چيو ته پوليس 144 تي عملدرآمد لاءِ سمورا قدم کڻندي، شهرين کي درخواست آهي ته اهي ڪنهن به غير قانوني عمل جو حصو نه بڻجن.
ترجمان موجب پوليس شهر ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ موجود آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.
Next Post
You might also like