اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه پيون ٿين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته گهرو وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي رڳو هڪ ڀيرو بيرسٽر گوهر سان رابطو ڪيو.
هن چيو ته ڪو به شڪ شبهي ۾ نه رهي، جيڪو احتجاج لاءِ ايندو اهو گرفتار ٿيندو، شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو انهن کي احتجاج جو شوق آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪن، وفاق تي حملي جي اجازت نه ڏني ويندي، اهي منصوبابندي تحت لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا.
You might also like