سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي ۽ صوبي جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ن ليگ کي پنهنجي خدشن کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو، ن ليگ سان خدشا ڳالهه ٻولهه ذريعي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، سنڌ جي حصي جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڪيڏانهن وڃڻ نه ڏينداسين، اسان سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.
پوليو ڪيسن تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو ضرور ڪنداسين، پاڪستان ۾ پوليو جا 52 ڪيس رپورٽ ٿيا، بينظير ڀٽو پوليو جي خاتمي لاءِ انقلابي قدم کنيا هئا، اسان کي ٻارن جي حقن جو خيال رکڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.