اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيس ۾ پهرين ڀيرو 10 ڏوهارين کي سزا ٻڌائي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي 6 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، نامزد جوابدارن مان 6 مفرور ۽ 10 جوابدارن کي سزا ملي چڪي آهي. عدالت مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته کين گرفتار ڪري جلد عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سزا مليل 10 ڏوهارين ۾ 4 افغان شهري به شامل آهن جيڪي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ رهائش پذير هئا.