اسلام آباد (اسد علي طور) بشريٰ بي بي تازي دعوي ڪئي آھي تھ سعودي عرب ۾ عمران خان جي پيرين اگھاڙي وڃڻ بعد باجوا کي فون ڪالز شروع ٿي ويون ۽ اسان جي خلاف وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. پر ان بيان کي گھرائي سان ڏسجي تھ ان ۾ وڏو جھول آھي ھڪ تھ 2018 ۾ عمران اھو دورو ڪيو اگر ان ۾ ڪي مسئلا پيدا ٿيا ھئا تھ 2019 ۾ محمد بن سلمان پاڪستان ڪئين آيو ۽ عمران خان ان جي گاڏي ڊرائيو ڪئي ٻئي کير کنڊ ٿي رھيا فارين ريزرور ۾ پيسا بھ رکرايا ، ۽ آمريڪي دوري لاءِ پنھنجو جھاز ڏنو. منھنجي خيال ۾ ان بيان کان پوءِ جي ايڇ ڪيو کان جاتي امراءِ تائين خوشي وارو ماحول آھي . پي ٽي آئي پنھنجي پير ۾ گولي ھنئي آھي ان وقت جڏھن مومينٽم ٺھيل ھيو. ان وقت اھا بيوقوفي ڪئي آھي. ٻشريٰ بي بي جي بيان ۾ اھا ڳالھ بھ ظاھر ٿئي ٿي تھ عمران ۽ محمد بن سلمان ھڪ ٻئي کي ناپسند ڪندا ھئا ، ٻيو تھ عمران دور ۾ سعودي سان پاڪستان جا لاڳاپا بھتر نھ رھيا. ان بيان جو ٽيون ڊيميج پي ٽي آئي کي آمريڪا ۾ بھ ٿيندو. ان دوستي بنياد تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ پيو وڃي. بشريٰ بي بي سنگين الزام لڳايو آھي تھ ھنن چيو تھ اسان شريعت ختم پيا ڪريون توھان وري ھن کي آندو آھي شريعت جي ٺيڪيدار کي. سو سعودي ان معاملي تي انتھائي حساس آھي.سعودي عرب ڪجھ وقت کان پاڪستان سان لاڳاپن ۾ حساس آھي ايم يو تھ سائن ٿي رھيا ھئا پر سيڙپڪاري نھ پئي ٿي. ھاڻي ممڪن آھي تھ حڪومت کي سگھارو ڏيکارڻ لاءِ سعودي عرب سيڙپڪاري بھ ڪري عمران خان تيستائين اسٽبلشمنٽ لاءِ مسئلو نھ ھيو جيستائين داخلي معاملن ۾ ھيو خارجي معاملن ۾ مداخلت ۽ دوست ملڪن خلاف ڳالھين بعد اھو معاملو خراب ٿيو يورپي يونين، سعودي عرب ۽ چين سان عمران خان لاڳاپا خراب ڪيا. ايستائين جو چين مراد سعيد تي وفد سان نھ آڻڻ جو چيو. منھنجي ذريعن جو چوڻ آھي تھ جڏھن اھا وڊيو سعودي جي سفارتڪارن وٽ پھتي تھ انھن پھريون تھ ڊسڪس ڪيو تھ شايد اھا اي آئي جي مدد سان تيار ڪئي وئي آحي. ان بعد پاڪستان اندر غير سعودي سفارتڪارن سان ڳالھ ڪندي صحافين سان ڳالھائندي تصديق ڪرائي ۽ تصديق بعد انتھائي اظھار ناگواري ڪئي وئي آھي. سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن نئينماحول ۾ انھن جو مستقبل بھ داءِ تي لڳل آھي.