لاڙڪاڻو: ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي سماجي تنظيم پاران مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد

ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي سماجي تنظيم پاران لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون.
اِي ايم او هينڊز اسڪولن جي هاءِ اسڪول ذڪري مهيسر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سعيد ديرو، هاءِ اسڪول پير جو ڳوٺ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلپوٽو، هاءِ اسڪول جکرا، گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي عبدالڪريم انڙ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول پراڻو آباد ۽ هاءِ اسڪول ڪاراڻي ۾ ٻارن جو ڏهاڙو ملهايو ويو.
راندين ۾ شاگردن ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا.
شاگردن پنهنجي ساٿين ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي اهميت بابت شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ تقريرون پڻ ڪيون.
ڊي اِي ايم ايجوڪيشن مئنيجر انعام الاهي وڳڻ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن 1954ع کان ٻارن لاءِ وقف آهي، جنهن سان هو پڙهائي سان گڏوگڏ خوشيون پڻ ملهائين ٿا.
هن اهڙن پروگرامن کي باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙين تقريبن سان شاگرد هڪ ئي وقت لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ سکي به وٺن ٿا .
تقريبن ۾ شبينا اشفاق، فياض ميمڻ، عاصمه مير ڪاشف شاهه، ڊِي سِي ايم آفتاب کهاوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.