17 هزار واٽس ايپ اڪائونٽ بند

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي گهرو وزارت مالياتي ڊجيٽيل فراڊ ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ 17 هزار واٽس ايپ اڪائونٽس بلاڪ ڪري ڇڏيا .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي گهرو وزارت طرفان جيڪي واٽس ايپ نمبر بند ڪيا ويا آهن، انهن مان گهڻي قدر نمبر ڪمبوڊيا، ميانمار، لائوس ۽ ٿائيلينڊ مان آپريٽ ٿي رهيا هئا ۽ ڀارتي ايجنسيون ان معاملي جي ڊگهي عرصي کان جاچ ڪري رهيون هيون.
جيڪي واٽس ايپ اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن، انهن مان پنجاهه سيڪڙو هلندڙ سال جنوري ۾ ٺاهيا ويا هئا، جوابدار ڄاڻايل واٽس ايپ اڪائونٽس جو استعمال ڪري اٻوجهه شهرين کي مختلف طريقن سان ٺڳي رهيا هئا.
ميڊيا رپورٽ موجب، جوابدارن طرفان شهرين کي گهڻي قدر ” ڊجيٽل اريسٽ “ فراڊ جو نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ متاثرن کي ڪنهن قانوني جاچ ۾ ملوث هجڻ جو ڏٽو ڏئي پئسا هڙپ ڪيا ويندا آهن.
رپورٽ موجب، جعلي واٽس ايپ اڪائونٽس جي نشاندهي لاءِ ” اي آءِ “ ٽيڪنالوجي کان به مدد ورتي ويئي، جڏهن ته ملڪ جي مختلف رياستن جي پوليس دستن به آپريشن کي انجام تائين پهچائڻ ۾ مرڪزي ايجنسن سان سهڪار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.