چيمپيئنز ٽرافي معاملي تي آءِ سي سي جو هنگامي اجلاس طلب، اهم فيصلن جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ سي سي جو هنگامي اجلاس 26 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڀارتي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا اعليٰ عهديدار شريڪ ٿيندا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو، هنگامي اجلاس ۾ سمورا بورڊز ميمبرز پڻ شريڪ ٿيندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ سي سي جو هنگامي اجلاس ورچوئول هوندو جنهن ۾ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان جي دوري کان انڪار تي ڳالهايو ويندو ۽ آءِ سي سي مختلف معاملن کي حتمي شڪل ڏيندو.
ميڊيا رپورٽ موجب، اجلاس ۾ ٽورنامينٽ جي شيڊيول، فارميٽ، گروپ اسٽيج مقابلن سميت پاڪ-ڀارت ميچ تي مشاورت ٿيندي.
ان کانسواءِ هائبرڊ ماڊل جي صورت ۾ سيمي فائنلز ۽ فائنل مقابلن بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هائبرڊ ماڊل تي راضي ٿيڻ وارو معاملو به اجلاس ۾ اُٿاريو ويندو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اڃا تائين آءِ سي سي جي هنگامي اجلاس بابت باظابطا طور آگاهه ناهي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پي سي بي کي آءِ سي سي جي چيمپيئنز ٽرافي جي هنگامي اجلاس بابت ڪا ڄاڻ ناهي، ائين ممڪن ناهي ته هنگامي اجلاس ٿئي ۽ ميزبان ملڪ کي نه ٻڌايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.