پي ٽي آءِ احتجاج، حڪومت موٽروي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي 24 نومبر واري اعلانيل احتجاج ۽ لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.
حڪومت پي ٽي آءِ احتجاج کي روڪڻ لاءِ پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽر وي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، ٻئي حڪم تائين موٽري وي ڇهن جاين تي بند رهندي ۽ اڄ رات 8 هين وڳي کان فيصلي تي عملدرآمد ڪندي موٽرويز بند ڪيون وينديون.
نوٽيفڪيشن ۾ موٽر وي بند ڪرڻ جو سبب مرمتي ڪم ڄاڻايو ويو آهي، جنهن تحت پشاور کان اسلام آباد، لاهور کان اسلام آباد موٽري بند رهندي.
نوٽيفڪيشن موجب، پنڊي ڀٽيان کان ملتان موٽروي، سيالڪوٽ کان لاهور ۽ ڊي آءِ خان کان هڪلا موٽر وي به بند رهندي.
واضح رهي ته حڪومت 23 نومبر کان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.