ماسڪو(ويب ڊيسڪ ) روس، يوڪرائني فوجي صنعتي ڪمپليڪس تي جديد ترين ميزائل ” اوريشنگ “ سان حملو ڪري ڇڏيو.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته صنعتي ڪمپليڪس ۾ يوڪرائن پنهنجو بيلسٽڪ ميزائل نظام تيار ڪري رهيو هو.
يوڪرائني فوجي صنعتي ڪمپليڪس تي حملي بعد هنگامي خطاب ڪندي صدر پيوٽن ٻڌايو ته حملي لاءِ وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائل جو استعمال ڪيو ويو، ميزائل هائپر سونڪ هٿيارن سان ليس هئي.
روسي صدر ان ميزائل ذريعي يوڪرائن جي اتحادين کي به نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ڄاڻايل ميزائل هڪ سيڪنڊ ۾ 3 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري ٿي، دنيا ۾ ڪو به ميزائل دفاعي نظام ان کي روڪي نٿو سگهي.
ٻئي پاسي يوڪرائي صدر زيلنسڪي عالمي برداري کان سخت ردعمل جي اپيل ڪندي چيو ته روس يوڪرائني سرزمين کي هٿيارن جي تجربي گاهه سمجهي ٿو، روسي ميزائل حملي سبب جنگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
”يوڪرائن تي جديد ميزائل سان حملو ڪيو جنهن کي دنيا جو ڪو به دفاعي نظام روڪي نٿو سگهي“
You might also like