عالمي جوهري توانائي ايجنسي جو اجلاس، ايران خلاف ٺهراءُ منظور

عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي 35 ملڪي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ ايران خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
ٺهراءُ آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جرمني طرفان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس دوران چين، روس ۽ برڪينا فاسو قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
ٺهراءُ ۾ آءِ اي ايِ اي بورڊ آف گورنرز طرفان ايران تي جوهري توانائي ايجنسي سان سهڪار تي زور ڏنو ويو.
جوهري توانائي ايجنسي ۾ شامل سفيرن دعويٰ ڪئي ته ٺهراءُ جو مقصد ايران مٿان نين جوهري پابندين تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.