پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا سرڪار جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته بشريٰ بي بي جو بيان پارٽي جي پاليسي نه پر سندس ذاتي بيان آهي.
هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته پارٽي جي پاليسي، پارٽي چيئرمين، سيڪريٽري جنرل يا ترجمان ئي ڏئي سگهي ٿو، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ باني جي گهرواري آهي، هوءَ جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي ان جي پنهنجي اهميت آهي پر سندس بيان پارٽي جي پاليسي ناهي اِهو سندس ذاتي بيان آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان جڏهن مديني پيرين اُگهاڙي ويو ۽ واپس آيو ته جنرل باجوا کي فونون اچڻ شروع لڳيون ته اوهان ڪنهن کي وٺي آيا آهيو، اسان کي اهڙا ماڻهو نه کپن.
بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته باجوا کي چيو ويو ته اسان ملڪ ۾ شريعت ختم ڪرڻ لڳا آهيون ۽ اوهان اهڙا ماڻهو وٺي آيا آهيو، چيو ويو ته اسان کي اهڙا ماڻهو نه گهرجن.
You might also like