خيبرپختونخوا جو وڏي وزير علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڪيس ٻين جوابدارن کان ڌار ڪيو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران جوابدار واثق قيوم، راجا خرم نواز، فيصل جاويد، راجا راشد حفيظ ۽ عمر تنوير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته سمورن غير حاضر جوابدارن جي وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.
لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن غير حاضر جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪئي وئي ۽ سندن ضمانتي ڪاغذ معطل ڪيا ويا.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.