لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سياري جي موڪل کانپوءِ سمورن اسڪولن کي ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته سمورا اسڪول سياري جي موڪل بعد ٻارن کي ٽراسپورٽ جي سهولت ڏين، جيڪا اسڪول انتظاميا حڪم نه مڃي ان اسڪول کي سيل ڪيو وڃي، ڪوبه اسڪول والدين کي لکي نه اماڻي ته هو ٻارن جي ذميواري نه کڻندا.
عدالت ٽن ورهين جي امل سکيرا کي گاڏين جي فٽنس چيڪ ڪندڙ موبائل يونٽس جو افتتاح ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like