حڪومت پاران بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان جي مذمت

اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان جي مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي جنهن ملڪ تي الزام مڙهيو، اُتي پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪئي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته انهيءَ ملڪ هنن کي تحفا ڏنا، جن کي بشريٰ بي بي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، بشريٰ بي بي انتهائي غليظ الزام مڙهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.