پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي ڪـُـرَم ۾ مسافر گاڏين تي هٿياربندن جي فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ 44ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ڪـُـرَم ضلعي ۾ پارا چنار سان پشاور ويندڙ گاڏين جي قافلي تي اوچت جي هنڌ تي هٿياربدن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ سبب 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن توڙي لاش ۽ زخمي کڻائي اسپتال پهچايا.
واقعي بعد سڪيورٽي اختيارين علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪئي.
دهشتگرد واقعي بعد وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفونگ رابطو ڪري دهشتگرد حملن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون آهن
You might also like