اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب کي سياسي مفادن لاءِ نشانو بڻائڻ افسوس جوڳو آهي.
بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان تي ردعمل ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته بشريٰ بي بي جو بيان مايوس ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، سياسي قوتون پنهنجن مقصدن لاءِ پرڏيهي پاليسي تي سوديبازي ڪرڻ کان پاسو ڪن.
پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائر ملڪ آهن، بنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، کين سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي فخر آهي، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
You might also like