لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ سموگ جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته لاهور دنيا جي گدلن ترين شهر ۾ پهرئين نمبر تي آهي.
باغن جي شهر لاهور ۾ فضائي آلودگي جي شرح 499 تي پهچي وئي.
پنجاب حڪومت طرفان تعليمي ادارا کوليا ويا، جڏهن ته ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين کولڻ بعد گرين لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي ڪئي وئي.
پنجاب حڪومت تفريحي ماڳن کي رات 8 وڳي تائين کليل رکڻ، فيسٽيول ۽ نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي.
چيف ميٽرولاجسٽ جو چوڻ آهي ته هوا جو رخ ڏکڻ اوڀر طرف ٿيڻ سبب 24 نومبر تائين لاهور ۾ سموگ ۾ اضافو ٿيندو، لاهور ۾ برسات جو ڪوبه امڪان ناهي، جابلو علائقن ۾ برسات سان گڏ برفباري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.