چيني ڪمپني سان ڪروڙن جو فراڊ ڪندڙ پاڪستاني واپاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني سان ڪروڙن جو فراڊ ڪندڙ پاڪستاني واپاري کي گرفتار ڪيو ويو، ذيشان افضل بلگرامي ڪنٽينر ۾ ڪروم جي جاءِ تي مٽي، پٿر ۽ بجري ڀري موڪلي هئي.
ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪارروائي ڪندي چيني ڪمپني سان دوکي ۾ ملوث ذيشان افضل بلگرامي کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار ڊينز ۽ ٽريڊر جو مالڪ آهي، هن چيني ڪمپني سان 11 ڪروڙ 39 لکن جو فراڊ ڪري پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو.
ترجمان ٻڌايو ته ايف آءِ اي زونل بورڊ جي منظوري کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو، چيني ڪمپني جي امپورٽر مس ڪورائن چن جي شڪايت تي ڪيس داخل ٿيو هو، پاڪستاني ايڪسپورٽر ۽ چيني امپورٽر 17 جنوري تي معاهدو ڪيو هو.
معاهدي تحت ڪمپني کي 1500 ميٽرڪ ٽن ڪروم اوري ايڪسپورٽ ڪرڻو هو، 11 فيبروري تي ڪراچي بندرگاهه کان چائنا بندرگاهه ڪنٽينر موڪليو ويو، ڪنٽينر ۾ ڪروم جي جاءِ تي مٽي، پٿر ۽ بجري ڀريل هئي.
ايف آءِ اي چيو ته جوابدار بينڪ ۾ جعلي انسپيڪشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو، چيني ڪمپني جي موڪليل رقم جوابدار پنهنجي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.