دبئي مان ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ قيمتي آءِ فونز پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

لاهور (ويب ڊيسڪ) دبئي مان ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ قيمتي آءِ فونز پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ڪسٽمز اختيارين لاهور ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي دبئي مان ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ سون ۽ قيمتي آءِ فونز پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اختيارين ٻڌايو ته مسافر آصف شهزاد نجي ايئر لائن جي اڏام پي اي 417 ذريعي دبئي کان لاهور پهتو هو، ان وٽان هڪ ڪلو 628 گرام سونا زيور، 6 ڊائمنڊ پيسز ۽ 5 قيمتي موبائلون برآمد ٿيون.
اختيارين موجب مسافر ڪپڙن ۾ زيور لڪايا هئا، مٿس ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.