عمران خان جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 28 سيپٽمبر جي ڪيس ۾ 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف 28 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ احتجاج تي اڪسائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ۽ حڪومتي پراسيڪيوٽر دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه پي ٽي آءِ باني جي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته عمران خان جي سڏ تي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ باني احتجاج جي منصوبابندي اڊيالا جيل ۾ ڪئي ۽ اتان ئي سڏ ڏنو هو.
وڪيل سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڏيڍ سال کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، هو جيل ۾ رهي ايڏي وڏي منصوبابندي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ اهو ڪيس سياسي انتقامي ڪارروائي آهي ۽ داخل متن مفروضن تي ٻڌل آهي.
پوءِ عدالت پراسيڪيوٽر طرفان 15 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل رد ڪندي عمران خان جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان کي 26 نومبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته عمران خان کان جيل جي اندر ئي جاچ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.