نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سرمائيدار گوتم اڏاڻي ۽ سندس ڀائيٽي تي نيويارڪ جي عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گوتم اڏاڻي تي حڪومت سان معاهدي لاءِ سرڪاري اهلڪارن کي رشوت ڏيڻ جو الزام آهي.
آمريڪي پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته گوتم اڏاڻي ۽ سندس ڀائيٽي تي سولر پلانٽ پروجيڪٽ ۾ 26 ڪروڙ ڊالر جي فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، گوتم اڏاڻي تي آمريڪي سيڙپڪارن کي گمراهه ڪرڻ جو به الزام آهي، نيويارڪ ۾ داخل ڪيل الزام 62 ورهين جي اڏاڻي لاءِ وڏو ڌچڪو آهن.
ٻئي پاسي آمريڪا ۾ ڀارتي واپاري گوتم اڏاڻي ۽ سندس ڀائيٽي ساگر اڏاڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ وارنٽ آمريڪا ۾ ڀارتي سفارتخاني جي حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي.
رپورٽس موجب، گوتم اڏاڻي هن وقت ڀارت ۾ ترسيل ۽ مٿس آمريڪا آڻي ڪيس هلائڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته اڏاڻي جو گروپ 2023ع کان آمريڪا ۾ سرگرم آهي، هڪ هاءِ پروفائيل ڪمپني هڪ رپورٽ شايع ڪئي هئي جنهن ۾ کين ڌوکو ڏيڻ جو الزام هنيو ويو هو.
گوتم اڏاڻي ڀارت جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل آهي جنهن جي ڪاروباري سلطنت پورٽس ۽ هوائي اڏن کان ويندي قابل تجديد توانائي تائين پکڙيل آهي، کيس ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي ويجهو پڻ سمجهيو ويندو آهي.
You might also like