پي ٽي آءِ باني اڄ به ڊيل چاهي ٿو: شيري رحمان

اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان تحريڪ انصاف جي احتجاج تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اڄ به ادارن کان ڳالهين جو  مطالبو ڪري رهيو آهي. هي ڳالهين جي درخواست نه پر ڊيل آهي. هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هاڻي عالمي اخبارون به لکي رهيون آهن ته باني پي ٽي آءِ ادارن سان ڊيل چاهين ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پرامن هو ته پوءِ اسلام آباد انتظاميا کان اجازت ڇو نه ورتي وئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.