سياست سميت ڪا به شئي ملڪ کان مٿانهين ناهي: آرمي چيف

ڪراچي(رپورٽر) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ”آئيڊياز 2024“ جو خاص دورو ڪيو، آئيڊياز ۾ پاڪستان جو جديد ڊرون ”شاهپر 3“ نظرن جو مرڪز رهيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دوري دوران دوست ملڪن جي دفاعي ٺاهيندڙن جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيو، نمائش ۾ مجموعي طور تي 557 نمائش ڪندڙ شرڪت ڪري رهيا آهن، جن مان 333 بين الاقوامي ۽ 224 ملڪي نمائش وارا آهن. 36 ملڪن نمائشي اسٽال لڳايا جن مان 17 ملڪ پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهيا آهن، تقريب ۾ 53 ملڪن جي 300 کان وڌيڪ پرڏيهي وفدن شرڪت ڪئي، جن نمائش ۽ پاڪستان جي دفاعي صنعت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، نمائش دوران آرمي چيف تقريب ۾ موجود پرڏيهي فوجي آفيسرن ۽ دفاعي وفدن سان به بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته گلوبل انڊسٽريل ڊفينس سوليوشنز (GIDS) پاڪستان پاران تيار ڪيل جديد ترين ڊرون  (UAV) “Shahpar-III” جو افتتاح ڪيو ويو، شاهپر 3 هڪ جديد ڊرون آهي جيڪو 35,000 فوٽ جي آپريشنل اونچائي تي اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ پرواز ڪري سگهي ٿو، ڊرون بم، ميزائل ۽ ٽارپيڊوز سميت مختلف گولا بارود کڻڻ جي قابل آهي، آئيڊياز 2024 جو 12 هون ايڊيشن 19 نومبر کان شروع ٿيو آهي جيڪو 22 نومبر 2024 تي پڄاڻي تي پهچندو، ان کان اڳ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار آرمي چيف جو ڪراچي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو،

ڪراچي(رپورٽر) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن؟ ڇا انهن کان پڇاڻو نه ٿيڻ گهرجي؟ سياست سميت ٻي ڪا به شيءَ ملڪ کان مٿانهين ناهي، پاڪستان جي ڊجيٽل سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي ڊجيٽل سيڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي، ڪراچي ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته مون کي پاڪستان جي روشن ۽ مستحڪم مستقبل تي پورو يقين آهي، هڪ سال اڳ ڇانيل نااميدي جا بادل اڄ صاف ٿي ويا آهن، مون گذريل ويهڪ ۾ به چيو هو ته  ”مايوسي مسلمان لاءِ حرام آهي “، اڄ پاڪستان جي معيشت جا سڀ اشارا مثبت آهن، ايندڙ سال انشاالله بهتر ٿي ويندا.آرمي چيف چيو ته مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊفالٽ جي ڳالهه ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن؟ ڇا انهن جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي؟ اسان سڀني کي پاڪستان کي ذاتي مفادن تي اوليت ڏيڻ گهرجي، رياست ماءُ جيان آهي ۽ ان جو قدر لبيا، عراق ۽ فلسطين جي عوام کان پڇڻ گهرجي، ياد رکو! پاڪستان کان سواءِ اسان جي ڪا به سڃاڻپ ناهي.جنرل عاصم منير چيو ته ڀلي ڪيتريون به مشڪلاتون هجن، جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي بيهي رهنداسين ته ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، توهان پنهنجا پئسا کڻي پاڪستان اچو، عوام به ڪمائي ۽ ملڪ به ترقي ڪري، صرف پاڪستاني ئي پاڪستان کي بيل آئوٽ ذريعي معاشي استحڪام آڻي سگهجي ٿو، دهشتگرديءَ جي پٺڀرائي غيرقانوني ڪاروبار وارا ڪندا آهن، جن جي پويان مخصوص عنصر آهن، پاڪستان جي ڊجيٽل سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي ڊجيٽل سيڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.