درياهه سنڌ جو جياپو آهي:صنعان قريشي

نوابشاھ(ڊ ر+پ ر) سنڌو درياھ تي ٺهندڙ ڪينالن خلاف 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس ڌرڻي جو سڏ کڻي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،ديدار شام، اشرف ڪلهوڙو، آصف رضا مگسي، شعبان ماٽي،هاشم لغاري سان گڏ نوابشاھ جي تعليمي ادارن ،شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهتو، شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاھ ۾ سنڌو درياھ تي ٺهندڙ ڪينالن خلاف 24 نومبر جي ڌرڻي واري گڏجاڻي ۾ شريڪ نياڻين کي جسقم چيئرمين اسٽيج تان لهي اچي پنڊال ۾ نياڻين کي اجرڪ اوڍايا ۽ مٿي تي هٿ رکيو، جڏهن ته شهيد بينظير يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان ڌرتي جا باشعور نوجوان ۽ نياڻيون سنڌو درياھ کي بچائڻ واري جدوجهد ۾ مُک ڪردار ادا ڪريو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ سنڌ جو واحد جياپي جو وسيلو آهي، تنهن ڪري درياھ کي بچائڻ سنڌ کي بچائڻ آهي، ديدار شام ،اشرف ڪلهوڙو،آصف رضا مگسي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي هوندو ته سنڌ به جيئدي جي درياھ ۾ پاڻي ئي نه هوندو ته سنڌ تباھ ٿي ويندي، نواب ولي محمد، علي آباد، دولت پور، شاهپور شگر مل اسٽاپ، نگر مڪان، ڳوٺ باغ سنگراھ، ڳوٺ محمد هاشم ٻگهيون ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.