ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هٿيارن جي زور تي رياست کان ڪجهه نٿو مڃرائي سگهجي، تشدد سان ڪڏهن ڪو مسئلو حل ناهي ٿيو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه قوتون چاهي ٿيون معيشت جو ڦيٿو نه هلي، علي امين گنڊاپور اڳ به ڊيل ڪري اسلام آباد مان ويو هو، اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کان ملڪ جي ترقي هضم نه پئي ٿئي، اهي 9 مئي جهڙا واقعا ورجائڻ چاهين ٿا، ڪي پي حڪومت جا وسيلا اسلام آباد خلاف استعمال ٿيا.
Next Post
You might also like