اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ وفاقي تعليمي ادارن جو وقت تبديل ڪيو ويو.
فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن تعليمي ادارن جو وقت تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب مارننگ شفٽ ۾ سمورا اسڪول صبح ساڍي اٺين وڳي کان اڍائي وڳي تائين کليل رهندا، جمعي تي اسڪول ساڍي اٺين وڳي کان ساڍي 12 وڳي تائين کليل رهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايوننگ شفٽ ۾ اسڪول منجهد ڏيڍ وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا.
Prev Post
Next Post
You might also like