راحت فتح علي خان ۽ سنجي دت جي ملاقات، وڊيو وائرل

دبئي( ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پاڪستاني گلوڪار راحت فتح علي خان ۽ بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي هڪ ڪنسرٽ دوران ملاقات ٿي آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
اِها وڊيو راحت فتح علي خان جي دبئي ۾ ٿيل هڪ ڪنسرٽ جي بيڪ اسٽيج جي آهي جتي سنجي دت به موجود هو.
وڊيو ۾ ٻنهي شخصيتن کي خوشگوار انداز ۾ هڪٻئي سان گفتگو ڪندي ۽ ٻيهر ملڻ جو منصوبو ٺاهيندي ڏسي سگهجي ٿو.
راحت فتح علي خان اِها وڊيو پنهنجي آفيشل فيسبڪ اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي، جنهن تي مداح دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.