پي ٽي آءِ جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع، رينجرز ۽ ايف سي جا 9 هزار اهلڪار طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون.
حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج ۽ امڪاني ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي تخت گاهه ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس 22 نومبر کان رينجرز ۽ ايف سي جا 9 هزار اهلڪار گهري ورتا آهن، جڏهن ته پوليس اختيارين طرفان اينٽي رائٽس ڪٽس به طلب ڪيون ويون آهن.
اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 به لڳايو ويو آهي، جنهن تحت 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ، جلوسن، ريلين ۽ احتجاج تي پابندي هوندي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف 24 نومبر تي فيصلائتي احتجاج طور اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو آهي، پارٽي طرفان 26هين ترميم جي واپسي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ چونڊ مينڊيٽ جي واپسي جا مطالبا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.