ملير( پ ر) سنڌ انڊيجينئس الائنس جي اڳواڻن چيو آهي ته عدالتي بندش باوجود ملير ، ڪوهستان خاص طور کير ٿر نيشنل پارڪ جي علائقي مان ريتي بجلي کنئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته ريتي ۽ بجري کڻڻ ۽ کوٽائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 آڪٽوبر 2024ع تي کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ کاڻ کوٽڻ، پٿر کڻڻ، جبل ڪورڻ يا اڏاوت سميت زمين جي الاٽمينٽ کان به روڪي ورتو آهي. هي درخواست سنڌ انڊيجنئس الائنس ليگل رائيٽس ڪميٽي ۽ ڪلائميٽ ايڪشن سينٽر وارن تيار ڪئي هئي. هنن چيو ته عدالتي حڪم تي عمل جي حالت اها آهي ته اڳ ۾ جتي 100 ڊمپر هلي رهيا هئا ته اڄ اتي 300 ڊمپر ۽ ٽرڪون هلي رهيون آهن. سنڌ حڪومت پاڻ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته ملير ، ٿڌو دريائي نظام ۽ پاڻي جا ذخيرا ۽ وسيلا تباهه ٿي چڪا آهن، جنهن سبب کير ٿر نيشنل پارڪ جو ماحولياتي نظام ۽ ان سان ڳنڍيل جهنگلي ۽ نباتاتي جيوت خطري ۾ آهي، تاريخي اهميت رکندڙ مور مرادي قبرستان به غير قانوني کاڻين کوٽڻ، ريتي بجري کڻڻ سبب تباهي جي نشاني تي آهن. سنڌ انڊيجينئس الائنس واضح ڪيو ته 4 آڪٽوبر 2024 ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کير ٿر جي تباهي جو نوٽيس وٺندي ملير جي سيشن جج کي فيلڊ سروي جو حڪم ڏنو هو ته کير ٿر ۾ ريتي بجري وغيرهه لاءِ کوٽائي ٿئي پئي يا نه. سيڪريٽري وائلڊ لائف کي جانورن جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل پوسٽن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سيڪريٽري ڪلچر کي به هڪ ٽيم جوڙي دوري جو حڪم ڏنو هو پر هن وقت تائين نه حڪومتي کاتن نه ئي ملير جي سيشن جج کا رپورٽ جمع ڪرائي هئي. هنن چيو ته 14 آڪٽوبر تي سنڌ انڊيجينئس الائنس جي ٽيم دورو ڪيو ته صرف ٻه سرڪاري عهديدار هئا. چوڪيون به ختم هيون، ملير، ٿڌو ندي تي ريتي جا دڙا ڏيکارين پيا ته ريتي ۽ بجري کڻڻ جو عمل جاري آهي. هنن مطالبو ڪيو ته تاريخي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ماڳ کي تباهي کان بچايو وڃي.