نه بابر نه آفريدي، ڪوهلي ڪهڙي پاڪستاني ڪرڪيٽر کي انسٽاگرام تي فالو ڪري ٿو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اسٽار ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ته پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر هو سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي تمام گهڻو مقبول آهي.
ويرات ڪوهلي کي انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوو ڪئي ويندڙ ڀارتي شخصيت جو اعزاز حاصل آهي.
ڪوهليءَ جي انسٽاگرام فالوورز جو انگ 271 ملين آهي، هو ان پليٽ فارم تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيو ويندڙ ڪرڪيٽر آهي.
ويرات ڪوهلي انسٽاگرام تي رڳو 282 ماڻهن کي فالو ڪري ٿو جنهن ۾ گهڻي قدر ڪرڪيٽرز ئي شامل آهن.
ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ڪوهلي انسٽاگرام تي ڪهڙي واحد پاڪستاني ڪرڪيٽر کي فالو ڪري ٿو؟ اوهان جي ذهن ۾ شايد بابر اعظم، شاهين آفريدي يا شاهد آفريديءَ جو نالو آيو هوندو پر ويرات ڪوهلي موجودا پاڪستاني ٽيم مان ڪنهن به رانديگر کي انسٽاگرام تي فالو نٿو ڪري.
ويرات ڪوهلي انسٽاگرام تي هو رڳو پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم ئي فالو ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.