راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت نامزد سڀني جوابدارن جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڊي جي اميگريشن کي خط موڪلي ڇڏيو، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ٻاهرئين ملڪ روانگي عدالت سان مشروط آهي.
جوابدارن جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلم 28 اي تحت لڳائي وئي آهي.
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، شهباز گل، مراد سعيد، حماد اظهر، زلفي بخاري، صداقت عباسي، راجا بشارت ۽ ٻيا نامزد آهن.
جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمران خان سميت سڀني نامزد جوابدارن جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي لاڳو
You might also like